سهراب فقير

سهراب فقير

سهراب فقير

سهراب فقير (راڳي): سنڌ جي ناليواري صوفي فنڪار سهراب فقير جو جنم 1934ع ڌاري ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ حمل فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والـد نـاليواري بزرگ شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو طالب ۽ سٺو راڳي هو. هن اسڪولي تعليم ٻن ٽن درجن تائين حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي راڳ طرف مائل هو. اٺن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد ۽ چاچن سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيائين. موسيقيءَ سان سهراب فقير جو وڌندڙ شوق ڏسي، سندس والد کيس روهڙيءَ ۾ خانصاحب کيتي خان جي حوالي ڪيو، جنهن کان هن راڳ جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي. شروع ۾ سهراب فقير استاد کيتي خان سان گڏ طبلو وڄائيندو هو. ڪجهه وقت بعد استاد جي اجازت سان ڳوٺ واپس آيو ۽ پنهنجي مرشد خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي درگاهه تي پهريون ڪلام ’ڪڍي قدم ڪايا کان ٻاهر ڪر، تڏهن هر جاءِ ايندءِ حق نظر‘ ڳايو، ۽ پوءِ مختلف درگاهن تي صوفي ڪلام ڳائڻ لڳو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس تڏهوڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ متعارف ڪرايو. هن ريڊيو تي پهريون ڪلام غمدل فقير جو ’ڳليان پريم نگر ديان، حضرت عشق گهمايم‘ ڳايو. سهراب فقير پنهنجي دؤر جو سرموڙ صوفي راڳي ٿي گذريو آهي. هيءُ پنهنجي ساٿين سان سُنگ جي صورت ۾، يڪتاري ۽ کڙتال تي صوفي شاعرن جو ڪلام پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندو هو. سندس ڳائڻ ۾ ايترو ته اثر هو، جو محفل ۾ ويٺل ماڻهو وجد ۾ اچي ڦيريون پائيندا هئا. سهراب فقير باجي تي اڪيلو به ڳائيندو هو. سر ۽ تار جو نهايت ئي ڪاريگر هو. هن ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ توڙي ملڪ کان ٻاهر لنڊن، ناروي، بيلجيم، جرمني، هالينڊ، فرانس، اٽلي، ڊيمنارڪ، سوئيزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو. سهراب فقير جا وڌ کان وڌ ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور تي رڪارڊ ٿيا، جڏهن ته سنڌ جي سمورين ريڊيو اسٽيشنن کانسواءِ بهاولپور ريڊيو اسٽيشن تي پڻ سندس پنج ڪلام رڪارڊ ٿيا. سهراب فقير جا ڪيترائي صوفي ڪلام آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس تان پڻ نشر ٿيندا رهيا. کيس شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ قلندر شهباز جي سالياني عرس جي موقعي تي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. سندس مشهور ڪلامن ۾ ’ڳليان پريم ننگر ديان‘، ’رخ رانجهن ماهه منير هويا‘، ’ميڏا روح منگدا محبوب آوي‘ بيحد مقبول ٿيا. سندس فن جي مڃتا ۾ کيس صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، شاهه لطيف اوارڊ، سچل سرمست اوارڊ، لعل شهباز قلندر اوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور اوارڊ سميت ٻيا ڪيترا ڏيهي توڙي پرڏيهي اوارڊ مليا. هڪ ڀيري کيس هڪ محفل ۾ هڪ لک 36 هزار نقد انعام پڻ مليو. اها محفل گهوٽڪيءَ جي سردار غلام محمد خان مهر جي ڳوٺ ۾ ٿي هئي. سندس شاگردن ۾ رجب علي(فرزند)، علي گل فقير، فقير قلندر بخش خاصخيلي، گلبهار جويو، جمال فقير، سيد باقر علي شاهه ،سلامت سهراب فقير(فرزند) قابل ذڪر آهن. پوئين دور ۾ کيس فالج ٿي پيو ۽ سندس ڳلو ڳائڻ کان ويهي ويو. سهراب فقير 75 سالن جي ڄمار ۾، 23 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ وڏا ٽالپر، ضلعي خيرپور ۾ آهي. سندس ٻه پٽ رجب علي ۽ سلامت سهراب هن وقت فن جي دنيا سان لاڳاپيل آهن.


لفظ سهراب فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2009.10.23  عيسوي

سنڌ جي ناليواري صوفي فنڪار سهراب فقير جو جنم 1934ع ڌاري ضلعي خيرپور جي هڪ ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ حمل فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾ ٿيو.سهراب فقير 75 سالن جي ڄمار ۾، 23 آڪٽوبر 2009ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سچل فقير جتوئي
شير شاهه
آصف چارڻ
زينت شيخ
صوفي آزاد فقير
ديبا ڪنول
رمضان علي خان
شهنيلا علي
فتح محمد خان ڏيڌڙو
سائين مرنا
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون